پ پ حڪومت آزاد ميڊيا ۽ صحافين لاءِ ڏمر بڻجي وئي آهي: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا بَرک صحافي ۽ سوشل ميڊيا  ايڪٽيوسٽ نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ۽ عدالت سڳوري کان ازخود نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي وئي آهي. سال2023ع ۾ اسان کان بهادر صحافي جان محمد مهر کسيو ويو جنهن جا بااثر قاتل اڄ تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آهن، ان کان اڳ ۾ محراب پور جو عزيزالله ميمڻ ۽ هاڻي وري ميرپورماٿيلو جو ارڏو صحافي نصرالله گڏاڻي رهزن قاتلن جي وَر چڙهي ويو آهي، پ پ حڪومت آزاد ميڊيا ۽ صحافين لاءِ ڏمر بڻجي وئي آهي ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون نافذ آهي. جماعت اسلامي اڳواڻن پُرزور مطالبو ڪيو ته شفاف تحقيقات ڪري شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي قانون جي وَڪڙ ۾ آڻي عبرت ناڪ سزا ڏئي سندس وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.