شهيد نصر الله گڏاڻي لفافو وٺندڙ نه پر صحافت جي تقدس جو بي باڪ صحافي هو؛ ساڃاهه وند

ڪراچي ( رپورٽر ). ڪراچي شهر جي وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته روزاني عوامي آواز جي شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي اعلي سطح تي تحقيقات لاءِ جي آئي  ٽي جوڙي ان جي رپورٽ اخبارن ۽ ٽي وي وسيلي پڌري ڪري قاتلن ۽ ان جي پشت پناهي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي کان پڻ جي آءِ ٽي آڏو پيش ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت شهيد ٿيل صحافي جي تعليم ۽ گهر جي خرچ لاءِ خصوصي رقم جاري ڪرڻ جو فوري طور تي اعلان ڪيو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڪيل ماجد گبول،شمس ڪيريو، سهيل ميمڻ، مير ڪيريو، سعيد بلوچ، ناصر منصور، آفاق ڀٽي،سارنگ جويو، رحمت پتافي ۽ ٻين تقرير ڪندي چيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي لفافو وٺندڙ نه پر صحافت جي تقدس جو خيال ڪندڙ ۽ بي باڪ صحافي هو، جنهن جي بدلي ۾ کيس سردارن ۽ سندن سهولتڪار سرڪاري ادارن قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ايف آئي آر سنڌ حڪومت مٿان داخل ٿيڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته سرڪار طرفان هڪ منصوبه بندي تحت سنڌ کي صحافين ۽ سجاڳ پڙهيل لکيل شهرين جو مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل ۽ سرادري راڄ قائم ڪري رياست سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته رياست جيئن ڍاڪا ۽ بنگال جي ٻين شهرن ۾ دانشورن، صحافين ۽ باشعور بنگالين جو قتل عام ڪيو هو، ساڳئي ئي نموني سنڌ جي وسيلن تي قابض ڪرڻ لاءِ سرداري نظام جي وحشيت وسيلي  سنڌ کي بنگلاديش بڻائي رهيا آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۽ پاڪستان ۾ حقيقي عوامي چونڊيل جمهوري نظام هجي ها ته ملڪ صحافين جي تتل ڌرتي نه بڻايو وڃي ها ۽ نه ئي سنڌ جي حڪمران پارٽي جي ڀوتارن واري جمهوريت وسيلي بدامني ۽ سردارن جو راڄ جٽاءُ نه ڪري سگهي ها. هنن سپريم ڪورٽ پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته صحافي جي قاتلن ۽ سهولتڪارين جي گرفتاري لاءِ جي آئي ٽي جوڙي ان جي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي.هنن چيو ته جي آئي ٽي ۾ گهوٽڪي جي ڊي سي، ايس ايس پي گهوٽڪي کي پڇا ڳاڇا۾ شامل ڪيو وڃي، شهيد صحافي جي خاندان ۽ ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم لاءَ سنڌ حڪومت طرفان فنڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي. مظاهري ۾ سهڻي پارس، وينگس منگي،سمير ميمڻ، نور محمد ڪلهوڙو، ذولفقار راڄپر، سعيد لاشاري، شبير لاشاري سميت ٻين صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.