ڀان سيد آباد (رپورٽ: خادم عرف آدم مينگل ) ڀان سيد آباد ۾ پريس ڪلب ڀان جي صدر مظفر کوکر ، جنرل سيڪريٽري آدم علي مينگل، سينيئر صحافي ذوالفقار علي مينگل، ياسر شورو ۽ ٻين قلم ڌڻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافين پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي قلم ڌڻين خطاب ڪندي چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي تي سرعام گوليون وسائي شهيد ڪيو ويو، حق ۽ سچ ڳالهائڻ تي صحافين کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، صحافين تي هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي صحافين تي حملا ۽ سرعام گوليون هڻي شهيد ڪري بااثر ڀوتارن، وڏيرن ۽ سردارن کي خوش ڪيو پيو وڃي، شهيد نصرالله گڏاڻي ڪرپٽ نظام کي للڪاريو، ڪرپشن کي بي نقاب ڪري ڪرپٽ مافيا خلاف سچ جي صحافت ڪري ظالمن کي وائکو ڪيو. آخر ۾ هنن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري صحافي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.02