حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به ماڻھو محفوظ ناهي. سرڪار عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. نصرالله گڏاڻي جو موت سرڪاري بي حسي سبب ٿيو. سنڌ حڪومت صوبي کي ڌاڙيلن جي محفوظ آماجگاهه بڻائي ڇڏيو آهي. حق سچ لکندڙ صحافين جو قتل انتھائي افسوسناڪ آهي. هنن چيو ته پاڪستان جو آئين اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿو.پاڪستان جا حُڪمران آزاد صحافت ۽ آزاد عدليه ڏسڻ نٿا چاھين ان ڪري آزاد صحافت جو گلو گھٽڻ لاءِ ايماندار صحافين کي شھيد ڪرائين ٿا ۽ قانون ۽ آئين جي بالادستي جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ فرض شناس ۽ ايماندار ججن خلاف مُھم ھلارائي وڃي ٿي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس نصر الله گڏاڻي جي قتل جو نوٽس وٺي.صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.