سنڌ يونيورسٽي ٻاهران شاگردن پاران شهيد جي مڙهه مٿان گلن جي ورکا\قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي

ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو )ڀوتارڪي نظام خلاف مسلسل جهاد ڪندي رهزن ڀوتارن هٿان شهيد ٿيل عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جو مڙھه ڪراچي کان ڄامشورو پهچڻ تي ضلعي  جي سمورن شهرن توڙي تعليمي ادارن ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، سندس آخري ديدار دوران هر اک آلي هئي، عوامي آواز سٿ جي بهادر ساٿي نصرالله گڏاڻي جي وڇوڙي جي خبر پوڻ تي سندس آخري ديدار ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد، ڄامشورو ضلعي جي مڙني شهرن نوري آباد، ڪوٽڙي، مانجهند، سن، آمري،سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد جا صحافي، سڄاڻ ڌريون ۽ شاگرد مختلف هنڌن سندس آخري ديدار لاءِ پهتا، شهيد جو مڙھ ڄامشورو پهچڻ تي سنڌ الاجي وٽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن گلن جي ورکا ڪندي سندس آخري ديدار ڪيو جنهن دوران ڀوتارڪي نظام خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، جڏهن ته سن۔مانجهند۔آمري ۽ سيوهڻ جي صحافين ۽ سڄاڻ ڌرين به يوسف عمراڻي، ساگر سنائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي نصرالله جو آخري ديدار ڪري گلن جي ورکا ڪئي، هوڏانهن ڄامشورو- ڪوٽڙي جي سڄاڻ ڌرين ۽ صحافين جسقم جي ڪامريڊ سومر خان جمالي، ايس ٽي پي جي ساگر الاهي بخش عالماڻي، شلوا جي جوشيلو سنڌي، ايس يو پي جي نثار لاکير، پ پ شهيد ڀٽو جي حاڪم ملاح، جي يو آءِ جي عبدالرزاق عابد لاکو، شهري ايڪشن ڪاميٽي جي ربڏنو ابڙو، لسوا جي مخدوم اشفاق عباسي، صحافين ڌڻي بخش باريجو، حاڪم چانڊيو، عرفان برفت، نديم پنهور، صدر جوڻيجو، شيخ سنڌي، غلام حسين زخمي ۽ ٻين نصرالله گڏاڻي جي وڇوڙي کي قومي نقصان قرار ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتارڪي نظام رهزي وارو روپ ڌاري ورتو آهي جن رهزنن کي گرفتار ڪرڻ رياست ۽ رياستي ادارن جي ذميواري آهي هنن مطالبج ڪيو ته جلد شهيد جا قاتل گرفتار ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن نادر ڀيلار، فرقان پنھور، جانب وساڻ، ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن ساگر الاھي بخش عالماڻي، انور بڙدي، ارشاد بروھي، شيخ عبدالله ڪوھستاني، باغي جي ايم شورو، حق نواز برھماڻي، محمد علي گھانگھرو، صحافين عرفان برفت، ربنواز ابڙو، شريف ابڙو، حاڪم چانڊيو، نديم پنھور، مرتضيٰ نوحاڻي، فھد جانوري، سھيل جويو، صدر الدين جوڻيجو ۽ ڄامشورو دڪاندار اڳواڻن نزاڪت قريشي، شھزور ڏاوچ، ڊاڪٽر گل بليدي ٻين جو چوڻ ھو ته شھيد صحافي نصر الله گڊاڻي بيباڪ صحافي ھو، ھو پنهنجي قلم ۽ ڪيمرا ذريعن مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو ۽ حق سچ تي ھلڻ جي ڏوھه ۾ ھن سماج جي بدبودار نظام سرداري نظام ھٿان شھيد ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.