ڪراچي ( پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس ڪائونسل جون ساليانون چونڊون ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ (ڊي ايس اَي) جي نگرانيءَ هيٺ ٿيون. جمعي ڏينهن ڊي ايس اي جي جاري ڪيل نتيجن ۾ چيو ويو آهي ته 1931 رجسٽرڊ ووٽرن مان 804 شاگردن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. ان طرح ووٽرس جو ٽرن آئوٽ 44 سيڪڙو رهيو.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس ڪائونسل اٺن اسٽوڊنٽ سوسائٽيز تي مشتمل آهي، جن ۾ سائنس سوسائٽي، آرٽ سوسائٽي، ڊبيٽنگ سوسائٽي، ڪئريڪٽر بلڊنگ سوسائٽي، لٽرري سوسائٽي، اسپورٽس سوسائٽي، ميوزڪ سوسائٽي ۽ ڪميونٽي سروس سوسائٽي شامل آهن، انهن سوسائٽيز پنهنجا سال 2024-25 جي لاءِ نوان عهديدار چونڊيا. هنن چونڊن دوران شاگردن ۾ تمام گهڻو جوش و خروش موجود هو.
ٻئي طرف سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو پنهنجي ساٿي شاگردن جي مفادن ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا. هن مٿن زور ڀريو ته اهو سندن اضافي ڪردار هوندو، جيڪو کين سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ شاگردن جي لاءِ صحتمند سرگرميون منعقد ڪرڻ لاءِ ادا ڪرڻو پوندو پر انهن کي يونيورسٽي ۾ پنهنجي پڙهائيءَ کي اوليت ڏيڻي پوندي. ڊاڪٽر صحرائي ڊي ايس اي جي ٽيم کي ڪاميابيءَ سان چونڊون ڪرائڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني.
ڊي ايس اي جي ڊائريڪٽر محمد نعيم احمد پڻ سوسائٽيز جي نون عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ان هر ميمبر جا ٿورائتا آهيون جنهن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.