ڪراچي: (پ ر) شھيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪلفٽن ڪراچي (زيبول) ۾ ڊپارٽمينٽ آف ڪرمنالاجي جي شاگردن لاءِ منشيات جي روڪٿام بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽرڪرامت الله حسيني ( ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنس )ڪئي.
برگيڊيئر محمد عمر فاروق (فورس ڪمانڊر ANF سنڌ) ان پروگرام ۾ بطور اسپيڪر شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين مقررين ڊاڪٽر تحسين اي شيخ پڻ شرڪت ڪئي.
اسپيڪر برگيڊيئر محمد عمر فاروق شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان نوجوانن کي بااختيار بڻائڻو آهي ۽ شعور ۽ بچاءُ واري حڪمت عملي ذريعي منشيات جي خلاف متحد ٿيڻو آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان شاگردن کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
پروگرام جي پڄاڻي تي پروفيسر ڊاڪٽر جاويد عزيز مسعودي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرمنالاجي جي شاگردن لاءِ ڏوهن جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي. پروگرام جا منتظمين مبارڪباد جا مستحق آهن ۽ اميد ڪريان ٿو ته اهڙا سيمينار ٿيندا رهندا.
هن پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترم سيد جعفر عباس (ليڪچرار زيبول) سرانجام ڏنا.
ڊاڪٽر خرم مهدي (چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف ڪرمنالوجي) سيمينار کي ڪامياب ڪرائڻ تي سمورن مقررين، استادن ۽ شاگردن جا ٿورا مڃيا.