”مظلومن جي ڪم نه اچان ته زندگي ڪهڙي ڪم جي“

گهوٽڪي (رپورٽر ) عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي شهادت بعد سموري سنڌ سوڳوار آهي.
شهيد جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
ڪراچي کان ميرپورماٿيلي تائين ميت جي منتقلي دوران به وک وک تي شهيد جو گلن سان استقبال ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا تي شهيد جون عوام لاءِ نصيحتي وڊيوز به وائرل ٿيل آهن.
شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ تقريب ۾ خطاب واري وڊيو به گهڻو ڏٺي وئي آهي.
وڊيو ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي تقريب ۾ خطاب ڪندي چئي رهيو آهي ته ”جيڪڏهن مان مظلومن جي ڪم نه اچان ته منهنجي زندگي ڪنهن ڪم جي ناهي، انڪري مان مظلوم جي ڪري پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.