ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، بابر اعظم ڪپتان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان پي سي بي جي آفيشل ويب سائيٽ تي پريس رليز ذريعي ڪيو ويو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان، صائم ايوب، فخر زمان، افتخار احمد، محمد عامر ۽ عماد وسيم شامل آهن.
ان کانسواءِ اعظم خان، ابرار احمد، محمد عباس آفريدي، عثمان خان، حارث رئوف، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، شاداب خان به ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن، جڏهن ته عالمي ڪپ لاءِ ريزرو پليئرز جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.