شهيد نصرالله جي خاندان جي مالي مدد ڪنداسين:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل جي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ به ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي علاج ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي، مقتول صحافي جي ڪٽنب جي مالي سهائتا ڪئي ويندي، صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته سنڌ ۾ قتل ٿي ويل مڙني صحافين جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن، جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون جاري آهن، جان محمد مهر جا به قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا.

JusticeForNasrullahGadani Journalist Sharjeelmemon

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.