گهوٽڪي (رپورٽر) عوامي آواز ميرپورماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جو قتل ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي.
شهيد مٿان حملي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هن محل تائين حملي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو.
ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن ميرپورماٿيلي ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي مٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو.
نصر الله کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهريان رحيميار خان ۽ بعد ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
JusticeForNasrullahGadani Journalist AwamiAwaz