ڪراچي (رپورٽر)صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو اقتصاديات جي ماهر قيصر بنگالي سان سندس آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. قيصر بنگالي سنڌ انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ٺاهڻ جي به تجويز ڏيندي چيو ته هن ڪارپوريشن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪئي وڃي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته صنعتڪارن کي سنڌ ۾ صنعتون لڳائڻ لاءِ همٿايو وڃي ته جيئن بيروزگاري ختم ٿي سگهي. سنڌ انڊسٽريل پاليسي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي.