اسلام آباد(م ڊ) اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته سينيٽ ۾ ڪرنل بابت منهنجي ڳالهه کي ٽي وي تي لائيو نشريات دوران بند ڪيو ويو،منهنجي ڳالهين کي سينيٽ جي رڪارڊ مان به ڪڍيو ويو آهي،پاڪستان ۾ طاقتور کي سچ ٻڌڻ جي به عادت ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ کي عدليه يا ڪنهن ٻئي اداري سان نه وڙهڻ گهرجي، اسان جي سموري خاندان کي غدار ڪوٺيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تاريخ به طاقتور جي هٿ ۾ آهي، پاڪستان ۾ سماجي اڀياس به ڪوڙ تي ٻڌل آهي،باچا خان پاڪستان سان وفاداري جو حلف کنيو هو، هن چيو ته هزارين احمد فرهاد غائب آهن انهن تي ڪو به نٿو ڳالهائي،جن به پاڪستان زندهه باد جو نعرو هنيو آهي انهن ئي ته پاڪستان جو حشر نشر ڪيو آهي، اسان لاءِ غداري جو لقب وڏو اعزاز آهي،هوڏانهن ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنرل هجن يا ڪرنل هجن اهي ڪي مقدس ڳئون ناهن،خدا هڪ آهي، اسان زميني خدائن کي نٿا مڃون، جنرلن جي حالت اها آهي ته اهي پنهنجا نالا لڪائي رهيا آهن،اسان فخر سان پنهنجي والدين جا نالا ٻڌايون ٿا،هن چيو ته ڊي چوڪ تي جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ ويگو وارن ٻن ماڻهن کي شهيد ڪيو، آئنده ڪو بوٽ وارو،قلم وارو،ڪو گائون وارو، يا ڪو پارليامينٽ وارو پنهنجي طاقت جي فرعونيت ۾ هٿين خالي شهرين کي نه ماري،قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي،اسان جماعت اسلامي جي مطالبن سان گڏ بيٺا آهيون، مان سينيٽ ۾ ان معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪندس،
-
آءِ ايس آءِ جي ڪرنل بابت ايمل ولي جي تقرير سينسرڊ
اسلام آباد(منصور علي خان) سينيٽر ايمل ولي خان سينيٽ ۾ گذريل تمام سخت تقرير ڪئي، جنهن مان ڪجهه حصا پي ٽي وي لائيو نشريات دوران سينسر به ڪيا ويا، هن آءِ ايس آءِ جي ڪرنل جو جڏهن ذڪر ڪيو ته ايمل ولي خان جي آواز کي ”ميوٽ“(خاموش) ڪيو ويو،سينيٽ اجلاس جي جڏهن وڊيو رليز ڪئي وئي ته ان مان اهي ڳالهيون ئي غائب هيون،ايمل ولي خان اڳرائي واريون ڳالهيون ڪيون، هاڻي معاملو ان حد تائين وڃي پهتو آهي ته سينيٽر به جڏهن سخت سوال اٿاريندا ته اهي عوام تائين پهچڻ نه ڏنا ويندا، دنيا جي جمهوريتن ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو،پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي سختيون وڌي رهيون آهن،