روهڙي ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڌنار کوھه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا

سکر(رپورٽر) روهڙي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ڌنار کوھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا گهرن ۾ ڪهرام، ان سلسلي ۾ سکر جي جهانگهڙو ٿاڻي جي حد روهڙي ڀرسان ڳوٺ حسن چوهاڻ ۾ ڌنار مال چاريندي اوچتو کوهه ۾ ڪري  ٻڏي فوت ٿي ويا ٻڏي فوت ٿي ويل ڌنارن کي ڳوٺاڻن ڳولا ڪرڻ کانپوءِ ٽنهي ڌنارن جا لاش کوھه مان ڪڍيا پوليس ۽ مقامي رهواسين موجب فوت ٿيلن ۾ ٻه سڳا ڀائر عبدالجبار ۽ عبدالطيف چوهاڻ  جڏهن ته ٽيون فوتي شهزادو به سوٽ آھي جن جو تعلق چوهاڻ برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي پنهنجي گهرن ڀرسان مال چاري رهيا هئا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو، جتان لاش وارثن حوالي ڪيا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺ حسن چوهاڻ ۾ سوڳ واري صورتحال ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.