ڪراچي (رپورٽر)گجرنالي، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي مثاثرن لاءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل 80گز گهر جي تعميراتي ڪم جو تخمينو لڳائي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ سنڌحڪومت کي موصول ٿي وئي آهي جيڪي هو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي. نالي متاثرين جي لاءِ 80گزجي پلاٽ جي اڏاوت جي مد ۾ 14لک 37هزار165رقم لڳي وئي آهي. اليڪٽرڪ جي ڪمن ۾ 74هزار کان وڌيڪ رقم ،پاڻي ۽ سيوريج جي ڪم جي مد ۾ 78هزار رقم مختص ،سول ورڪ جي لاءِ 12لک 84هزار رقم جو چيو ويو آهي.
-
شگر مل مالڪن جو کنڊ برآمد لاءِ حڪومت تي دٻاءُ
اسلام آباد (م ڊ) کنڊ جي ذخيرن جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران شگر مل مالڪن وزيراعظم شهباز شريف تي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي ڇڏيو. شگر مل مالڪن جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ جي اجازت نه ڏني وئي ته هارين کي 40 ارب رپيا ادا نه ڪيا ويندا، ايندڙ سيزن ۾ 40 شگر ملون بند ڪيون وينديون. ڪمند مالڪن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن کنڊ ايڪسپورٽ ٿيڻ نه ڏني وئي ته نومبر ۾ ملون بند رهنديون. وزيراعظم معاملو اقتصادي رابطا ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. مل مالڪن موجب 15 لک ٽن کنڊ اضافي آهي، جيڪڏهن 5 ملين ٽن کنڊ برآمد ڪئي وڃي ته 260 ملين ڊالر ڪمائي سگهنداسين.