لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) طرفان عدالتي ڪارروائي رپورٽ ڪرڻ تي پابندي جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
ايڊووڪيٽ اظهر صديق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيمرا نوٽيفڪيشن خلاف ردخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ پيمرا، وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پيمرا 21 مئي تي عدالتي ڪارروائي رپورٽ ڪرڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، پيمرا جو نوٽيفڪيشن آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواستگذار اپيل ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پيمرا جو پابندي بابت نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي، عدالت پٽيشن جي حتمي فيصلي تائين پيمرا جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري.
اهڙي ريت هڪ درخواست ثمرا ملڪ ايڊووڪيٽ به داخل ڪئي، جنهن ۾ پيمرا ۽ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پيمرا ٻڌڻي هيٺ عدالتي ڪيسن بابت خبر يا ٽڪرز هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
pemra supremecourtofpakistan lahorehighcourt