رڪي پونٽنگ ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ کان ڇو انڪار ڪيو؟ ڪارڻ سامهون اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪوچنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) اڄڪلهه ٽيم جي نئين ڪوچ جي ڳولا ۾ آهي ۽ ان حوالي سان رڪي پونٽنگ سان آءِ پي ايل دوران ڪوچنگ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي رابطن جي تصديق ڪندي چيو ته هو ڪوچنگ جي حوالي سان ڪيئي رپورٽون ڏسي چڪو آهي، ائين عام طور تي سوشل ميڊيا تي ٿيندو آهي ۽ ڪيئي نالا سامهون ايندا آهن.
هن چيو ته سندس آءِ پي ايل دوران ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ واري معاملي تي بي سي سي آءِ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جنهن دوران ڪوچنگ ۾ دلچسپي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته مان نيشنل ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ پسند ڪند پر زندگي ۾ ٻيا به گهڻو ڪجهه آهي.
رڪي پونٽنگ چيو ته هو پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذارڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن اوهان ڀارتي ٽيم جا ڪوچ هوندا ته آءِ پي ايل ۾ ڪوچنگ نٿا ڪري سگهو، نيشنل ٽيم جو ڪوچ ٿيڻ جو مطلب سال ۾ ڏهه کان يارنهن مهينا مصروف رهڻو پوندو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ هي وقت سازگار نه آهي، زندگي جو لطف ماڻڻ چاهيان ٿو، خبر پئي آهي ته جسٽن لنگر، اسٽيفن فليمنگ ۽ گوتم گمڀير ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ اميدوار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.