سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪٿي رڪارڊ ڪئي وئي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ هن وقت شديد گرمي جي لهر جاري آهي جتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ سج باهه وسائي رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب، دادوءَ ۾ گرمي پد 49، حيدرآباد 46، سکر ۽ نواب شاهه ۾ 48، 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته تربت ۾ پارو 46 ۽ سبي ۾ 48 ڊگري تائين هليو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي شهر ڊي جي خان ۽ بهالپور ۾ گرمي پد 46 رڪارڊ ڪيو ويو، ملتان، سرگوڌا ۾ 45، فيصل آباد ۾ 44، بنون ۾ 43 جڏهن ته لاهور ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب، لاهور ۾ گرمي جي شدت 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.

Sindh Heatwave Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.