بشڪيڪ ۾ ڦاٿل شاگردن جي واپسي وارو معاملو، سنڌ حڪومت جو وڏو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت بشڪيڪ ۾ ڦاٿل شاگردن کي واپس آڻڻ تي ٿيندڙ خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن کي سنڌ حڪومت جي خرچ تي ڏيهه واپس آندو ويندو، بلاول ڀٽو جي هدايتن تي بشڪيڪ ۾ ڦاٿل شاگردن کي واپس آڻي رهيا آهيون.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسپيشل اڏامون به هلايون پيون وڃن جنهن تي ايندڙ خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. سنڌ حڪومت ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن جي واپسي لاءِ سنجيدهه آهي، شاگرد پاڪستان جي ڪهڙي به حصي جا هجن اسان جا ٻچا آهن…..

Pakistanistudents Kyrgyzstan  Bishkek
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.