سپريم ڪورٽ کي دبئي ليڪس معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي: حافظ نعيم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي دبئي ليڪس تي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته حڪمرانن ظالماڻي قسم جا معاهدا ڪيا آهن، ملڪ ۾ هڪ اهڙي انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسر موجود آهي جنهن 28 ارب رپيا ڪمايا ۽ هڪ ميگاواٽ بجلي به پيدا نه ڪئي، قوم جي کيسي ۾ ڌاڙو هڻي 28 ارب رپيا انهن کي ڏنا ويا، ڇو ته معاهدو اهو آهي ته اوهان بجلي وٺو يا نه وٺو، هو عوام تي پيسا جارچ ڪندا، اهڙي ريت اسان کي وڪوڙيو ويو آهي ته اسان ڇا ڪريون؟
هن سوال اٿاريو ته اهڙي انڊسٽري ڪيئن هلندي؟ ۽ ماڻهن سولر پينل لاءِ ته نيٽ ميٽرنگ شروع ڪئي پر هاڻي اها سازش ٿي رهي آهي ته نيٽ ميٽرنگ وارو ڪم به ختم ڪيو ويندو، ايڏي وڏي سيڙپڪاري حڪومت ماڻهن ڪرائي، اهو ته حڪومت جو ڪم آهي ته سستي بجلي ڏئي، هاڻي ماڻهن جي مٿي تي تلوار لٽڪائي رهي آهي ۽ سولر پينل تي وڌيڪ ٽيڪس هڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.

Jamiat-eIslami DubaiLeaks HafizNaeemUrRehman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.