آءِ ايم ايف جي بجلي ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ، پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف حڪومت کي بجلي ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ ۽ پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض پروگرام تي ڳالهيون اڄ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن اسٽاف ليول معاهدي بنا اڄ رات واپس روانو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کي ڪيترن ئي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو.
نئين بجيٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي وري ڳالهين جو امڪان آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪرڻي پوندي.
حڪومت ايندڙ سال پيٽروليم تي جي ايس ٽي بدران ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، بجلي ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا شرطن ۾ شامل آهن.
حڪومت پيٽروليم شين تي اڳ ئي 60 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي، ايندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي مان هڪ هزار 80 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 2295 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي، ان کان ايندڙ سال پيٽروليم ليوي سان حاصل ٿيندڙ آمدني هڪ هزار 215 ارب رپين تائين پهچي ويندي.

imf pakistan petrol

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.