پريشاني ۾ ماڻهن جي ڪم ايندا آهيون، عوام کي رليف ڏيڻ اسان جو مقصد آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان پريشاني ۾ ماڻهن جي ڪم ايندا آهيون، اسان جو مقصد ماڻهن کي رليف ڏيڻ آهي، ٽرانسپورٽ جي سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، غيرقانوني بس اڏن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهيون ۽ گيس سلينڊر تي هلندڙ گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته مسافرن لاءِ مختلف روٽس تي شٽل بس سروس هلائينداسين. اسڪولي وينز ۾ لڳل سي اين جي سلينڊرز هٽايا پيا وڃن، گيس سلينڊر تي هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، بنا روٽ پرمٽ جي هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پنڪ بس سروس اسان جو پائليٽ پروجيڪٽ آهي، ٻه ٽي هفتا اڳ بي آر ٽي منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪريون.
هن چيو ته گھٽين ۽ پاڙن ۾ چنگچي رڪشا هلي رهيا آهن، چاهيون ٿا ته هر ڪنهن کي روزگار ملي، ٽرانسپورٽ جا گھڻا منصوبا شروع ٿيا آهن، ڪافي بهتري آندي آهي، سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي اِي وي بسون هلن ٿيون، ٻيا صوبا هاڻي اِي وي بسن ڏانهن اچن پيا.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي نااهلي سبب بي آر ٽي بس منصوبي ۾ دير ٿي، اسان جي حڪومت ان ڪري ٺهندي آهي جو اسان ماڻهن کي پريشاني ۾ ڪم ايندا آهيون، حڪومت سمهي ناهي رهي، اهو ئي مقصد آهي ته ماڻهن کي رليف ڏيون.

Shrjeelmemon Sindhgovt Transport

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.