ڪوئيٽا ( رپورٽ: يار محمد بروهي) ڪوئيٽا ۾ نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڪوئيٽا ۾ پارٽي جي سينيئر قيادت ۽ پارلياماني گروپ کي خطاب ڪندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ بلوچستان جي عوام ڀرپور نموني سان نيشنل پارٽي کي ووٽ ڏنو، شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون ٿين ها ته پارٽي بلوچستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ٿي سامهون اچي ها، چونڊن ۾ جنهن انداز سان نتيجا تبديل ڪيا ويا،اهي سڀني جي سامهون آهن ، ان مان صاف ظاهر آهي ته وفاق ۽ صوبن ۾ ڪمزور حڪومتون قائم ٿيون ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سڀني حڪومتن تي طاقتور ۽ بيوروڪريسي جو غلبو آهي فيصلا طاقتور ۽ بيوروڪريسي جي مرضيءَ سان ٿيندا آهن، معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام بدترين شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، غلط پاليسن سبب ملڪ پرڏيهي سطح تي اڪيلو ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ريڪوڊڪ، سينڊڪ سميت بلوچستان جي وسيلن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي، ريڪوڊڪ جي گذريل حڪومت پاران ڪيل معاهدو اڃان تائين سامهون نه آئي آهي، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته پارٽي جو پارلياماني گروپ سمورن ادارن ۾ عوام جو مضبوط آواز بڻجي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته نيشنل پارٽي عوام جي نمائندي پارٽي هئي ۽ رهندي، قومي مفادن، ساحلي وسيلن ۽ عوام جي خودمختياري جي حق تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اڄ به اسان جو نعرو آهي ته بلوچستان جي عوام کي ووٽ جو حق ڏيو. جلد سياسي پارٽين تي مشتمل هڪ فرنٽ ٺاهيو ويندو ان موقعي تي پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر جان محمد بليدي، صوبائي صدر رحمت صالح بلوچ، اسيمبلي ميمبر خيرجان بلوچ، مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر اسحاق بلوچ. ان موقعي تي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري اسلم بلوچ، حاجي عطا محمد بنگلزئي خير بخش بلوچ ۽ عبدالخالق بلوچ به موجود هئا.
DrAbdulMalikBaloch Balochistan Pakgovt