ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت حالتون خراب ڪيون ويون، مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهيون. اسٽريٽ ڪرائم ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سنڌ حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون آڻي رهي آهي، پاڻي جي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪي فور منصوبي شروع ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ايف پي سي سي آءِ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ کي سياسي مقصدن لاءِ ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهيون.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون آڻي رهي آهي، نوري آباد ۾ صنعتون قائم آهن، سنڌ حڪومت وڌيڪ صنعتون لڳائڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪرڻ گهرجن، ذاتي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي داءَ تي نه لڳائڻ گهرجي، 15 سال اڳ ڪراچي جون حالتون خراب هيون، نگران حڪومت جي دور ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي. گذريل هڪ مهيني کان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ کي ڊگھي وقت کان نشانو بڻايو پيو وڃي، هر حڪومت جي ترجيح هوندي آهي ته امن امان بحال ٿئي، ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي اربين روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي جنهن لاءِ ڪي فور منصوبي جي شروعات ڪئي، سنڌ حڪومت هر شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هر بجيٽ ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ حصو رکيو ويندو آهي، حيدرآباد-سکر موٽروي بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندس.
هن چيو ته سڄي ملڪ جا ماڻهو واپار سانگي ڪراچي اچن ٿا، واپاري برادري به ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ اڳتي اچي….
Sharjeelmemon Sindh Sindhgovt