حماد اظهر منظرعام تي، پوليس جي گهيري ۾ گڏيل قومن جو وفد ڦاسي پيو

اسلام آباد( بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر روپوشي ختم ڪري منظر تي اچي ويو، هو پارٽي سيڪريٽريٽ  پهتو ته پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي. حماد اظهر گذريل سال 9 مئي کان روپوش هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي  حماد اظهرچيو ته ڪالهه مون کي تحريڪ انصاف جي باني جو پيغام مليو ته هاڻي توهان جو ٻاهر نڪرڻ جو وقت آهي ۽ مان پشاور ويندس ۽ گرفتاري کان اڳ ضمانت وٺي عدالت ۾ پيش ٿيندس. هن چيو ته پهريان مون کي چيو ويو ته تو تي تشدد ڪيو ويندو تنهن ڪري روپوش ٿي وڃ. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مراد سعيد سميت پارٽي جا سمورا لڪل اڳواڻ هاڻي سامهون ايندا. حماد اظهر چيو ته مان رئوف حسن سان ملڻ آيو آهيان، مٿس حملي جي مذمت ڪيون ٿا، ڪنهن به صورت ۾ جهڪي نه وينداسين. هن چيو ته عبوري ضمانت لاءِ پهريان پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ پنجاب جي عدالتن ۾ ويندس ۽ ان کانپوءِ معاملو الله تي ڇڏيندس.   حماد اظهر جي ٽي وي تي موجودگي جي خبر ٻڌڻ ۾ ئي وفاقي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ پهچي وئي. ايس پي سٽي خان زيب ۽ ايس ايڇ او ڪراچي ڪمپني محمد نعيم جي سربراهي ۾ ٽيمون پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ پهچي ويون. پوليس اهلڪار حماد اظهر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ پهچي ويا پر حماد اظهر پهچڻ کان اڳ ئي پشاور روانو ٿي چڪو هو. وفاقي پوليس اهلڪارن سيڪريٽريٽ جي عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن دوران پوليس رئوف حسن جي عيادت لاءِ آيل گڏيل قومن جي وفد کي به روڪيو ۽ کين سيڪريٽريٽ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.