هونئن ته مجموعي طور تي سڄي پاڪستان ۾ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ جهڙي صحافت جي صحافين جي جان هر وقت خطري ۾ هوندي آهي پر ڪجهه عرصي کان ڏسجي ته روزاني عوامي آواز جا رپورٽر خاص طور هٽ لسٽ تي نظر اچن ٿا. ڪڏهن مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن کين موتمار ڌمڪيون ملن ٿيون ۽ ڪڏهن مٿن قاتلاڻا حملا ٿين ٿا. جنهن جو تازو ترين، افسوس ۽ مذمت جوڳو واقعو عوامي آواز ميرپور ماٿيلي جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي تي ٿيل قاتلاڻي حملي وارو آهي.
نصر الله، ماٿيلي ۾ پنهنجي ڳوٺ کان شهر ڏانهن رپورٽنگ سانگي وڃي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن کيس گوليون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. کيس فوري طور تي مقامي اسپتال نيو ويو پر اتي گهربل سهولتون نه هئڻ ۽ رپورٽر جي نازڪ حالت کي ڏسندي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. هٿياربندن کيس پيٽ ۾ گوليون هنيون جنهن سبب سندس جيرو، بڪيون ۽ ڦڦڙ سڀ ختم ٿي چڪا آهن. اها خبر ٻڌندي ئي علائقي جا صحافي ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ ڌرڻو ڏنو ويو جنهن ۾ صحافي جي ترت علاج ۽ حملو ڪندڙن جي گرفتاريءَ جا نعرا هنيا ويا.
هوڏانهن عوامي آواز جي انتظاميا اها خبر ٻڌڻ شرط ئي رپورٽر جي جان بچائڻ لاءِ حڪومت سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ايئر ايمبولينس جي گهر ڪئي ته جيئن ثناءُ الله کي فوري طور تي ڪراچي آڻي سندس علاج ڪرايو وڃي. ان کان اڳ ملڪ جي ميڊيا، صحافي تنظيمن سان پڻ رابطو ڪيو ويو ته جيئن نصر الله گڏاڻي جي علاج مٿس حملو ڪندڙن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي سگهجي. مختلف ٽي وي چئنلن جي نيوز بليٽن کان علاوه ٽاڪ شوز ۾ پڻ نصر الله گڏاڻي تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي وئي. ان اڳڀرائي کان پوءِ حڪومت به رابطي ۾ آئي ۽ هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي. رحيم يار خان اسپتال جي ڊاڪٽر ٽيون ڏينهن فوري طور تي نصر الله کي ڪراچي منتقل کان ڪرڻ کان منع ڪيو هو پر ڪالهه صحافي نصر الله گڏاڻي جي هڪ دوست ذاتي خرچ تي ايئرايمبولينس جو انتظام ڪري کيس ڪراچي جي آغا خان اسپتال آندو.
في الحال سنڌ جو هي بهادر صحافي اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي آهي. سندس حالت بيحد نازڪ آهي ڪاش هو هوش ۾ هجي ها ۽ اسان کيس ٻڌائي سگهون ها ته سندس حياتي بچائڻ ۽ مٿس قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڪاش کيس اهو به ٻڌائي سگهون ته نه رڳو عوامي آواز نه رڳو ان قاتلاڻي حملي جي خلاف سراپا احتجاج آهي پر شديد صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل آهي. ايئنسڄي ملڪ جي ميڊيا ۽ صحافتي تنظيمون سندس قاتلاڻي حملي کي نندي رهيون آهن ۽ حملو ڪندڙن جي فوري گرفتاري تي زور ڀري رهيون آهن.
سو نصر الله گڏاڻي ! زندگي ۽ موت جي هيءَ جنگ اوهان اڪيلي سر نه وڙهي رهيا آهيو، عوامي آواز ميڊيا جي سڄي سٿ ، ملڪ جون صحافتي تنظيمون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اوهان جي حياتي بچائڻ ۽ قاتلاڻي حملي ۾ ملوث ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هاڻي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به حڪومتي خرچ تي ڪراچي جي آغا خان اسپتال مان اوهان جو علاج ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.باقي پنهنجي ملڪ اندر صحافين جي هر پل جان جي خطري ۾ هجڻ واري پس منظر ۽ پيش نظر کان اوهان پاڻ ڀلي ڀت واقف آهيو. خاص ڪري ڪجهه سالن کان عوامي آواز جا رپورٽر جنهن ريت نشاني تي رکيا ويا آهن تنهن پس منظر کان به اوهان پاڻ واقف آهيو. اوهان تي ته گذريل سال ڪوڙو ڪيس به مڙهيو ويو هو.ايئن اوهان وانگر ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ عوامي آواز جا رپورٽر اهڙي عتاب جو شڪار ٿيندا رهيا. جنهن جي خلاف اوهان به آواز اٿاريندا رهيا هيو.
اسان کي ان ڳالهه تي بيحد افسوس آهي ته عوامي آواز جي رپورٽر سميت سڄي ملڪ جي صحافين کي حڪومت اهو تحفظ مهيا نه ڪري سگهي آهي جيڪو انهن جو حق آهي. اسان جو خيال آهي ته ملڪي صحافين جي تحفظ جو ماحول تڏهن سازگار ٿيندو جڏهن صحافين کي ملندڙ موتمار ڌمڪين يا ڪوڙي ڪيس جو ترت نوٽيس ورتو ويندو ۽ صحافين جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وينديون. پر حڪومت صحافين جي تحفظ جو اهڙو انتظام نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي فوري طور تي صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙ، مٿن ڪوڙا ڪيس ٺاهيندڙ يا قتل ڪندڙن ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ڪري سگهندي آهي اڃان به صحافين جي عدم تحفظ جو ماحول وڌي رهيو آهي ۽ اهو عدم تحفظ جو وڌندڙ ماحول اصل ۾ حڪومت جي ناڪامي آهي.
چوڻ جي حد تائين ته صحافين جي حقن ۽ تحفظ جي ۽ ملوث ڏوهارين کي ترت سزا ڏيڻ جي هام هنئي ويندي آهي پر عملي طور ڪا فيصلائتي ۽ نتيجي جوڳي اڳڀرائي نظر نه ايندي آهي، ان المياتي ۽ بي حسي واري ماحول جو شڪار نصر الله گڏاڻي به ٿيو آهي.
صحافين جو اصل ڏوهه اهو آهي جو اهي مسئلن، بدانتظامي، خراب حڪومتي ڪارڪردگي، ڪرپشن، ڏاڍائي، ناانصافي، زيادتي ۽ هر قسم جي قبضن جي نشاندهي ڪندا آهن. تنقيد يا احتساب جي ڳالهه ظاهر آهي ته ڪير به برداشت ناهي ڪري سگهندو. هر طاقت ور ڌر صحافين جي ڪمن ۾ رنڊڪ وجهندي آهي. وري جيڪڏهن اهڙن صحافين جو مافيائن سان مقابلو هوندو ته پوءِ ته پڪ ئي پڪ سندن جان خطري ۾ پئجي ويندي آهي. سو ايئن سمجهو ته صحافت، ڪاريهر جي نانگ مٿان پير رکڻ جي برابر آهي. عام تاثر اهو هوندو آهي ته هر قسم جي مافيائن کي خود سرڪاري يا وڏين طاقتن جي سرپرستي حاصل هوندي آهي تنهن ڪري انهن جو ڪير به وار ونگو نه ڪري سگهندو آهي. نصر الله گڏاڻي به لڳي ٿو ته اهڙين ئي مافيائن جي هٽ لسٽ تي هو.
هاڻي انصاف جي تقاضا اها آهي ته جتي صحافي نصر الله گڏاڻي جي حياتي بچائڻ جون هر ممڪن طريقي سان ۽ آخري حد تائين ڪوششون ٿي رهيون آهن تيئن حڪومت کي نصرالله جي ڏوهارين کي ترت گرفتار ڪري کين سزائون ڏيڻ وارو ڪم هنگامي بنياد تي هٿ ۾ کڻڻو پوندو تڏهن ئي ملڪ جي صحافين کي تحفظ جو ماحول ملي سگهندو..