اسان صرف سال 2019 کان سال 2024 تائين جو حساب ڪنداسين ته خبر پوندي انهن پنجن سالن ۾ سوين قلم ڌڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا آھن انھن سمورن دھشت گردي واقعن ۽ حادثن جا پيرا کڻنداسين ته خبر پوندي انھن جو جيڪو ماسٽر مائينڊ آھي اھو به ھڪڙو آھي انھن جو جيڪو ھدايتڪار آھي اھو به ھڪڙو ئي آھي باقي ان قلم ڌڻين جي قتل عام ۾ جيڪي ڪردار آھن اھي الڳ الڳ آھن جنھن جي ڪري اڄ تائين ڪنھن ھڪ به قلم ڌڻيءَ کي انصاف ناھي مليو سواءِ ڪراچيءَ جي صحافي ولي جي قاتلن کي سزا ملي آھي سا به اڌوري انصاف تحت،قلم ڌڻين جي قتل عام ۾ اڪثر ڪري جيڪي قتل ٿيا آھن اھي حق سچ جي الم کڻڻ وارن جا ٿيا آھن باقي انھن قتلن ۾ ڪجھه ذاتي دشمنين جي بنياد تي به قلم ڌڻي قتل ٿيا آھن.
بهرحال قلم ڌڻين جو قتل عام انتھائي ڳڻتي جوڳو عمل آھي جنھن لاءِ رياست جي قانون لاڳو ڪرڻ وارن ذميوار ۽ واسطيدار عملدارن کي سوچڻون پوندو نه رڳو سوچڻو پوندو اھڙي عمل جي روڪٿام لاءِ سخت قدم به کڻڻان پوندا،مونکي نٿو لڳي ته قلم ڌڻين جي قتل عام ۾ ملوث ڪردارن خلاف ڪو گرينڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو ڇو ته اھي ڪردار ايڏا ته طاقتور آھن جو وڏي ٽيڪنڪ ۽ شاطر دماغيءَ سان قلم ڌڻين سان گڏ گڏ جيڪي به سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جا قتل ٿيا آھن ان جاءِ تي قاتلن جا نه پيرا ظاھر ٿيا آھن نه وري اتان ڪي ثبوت مليا آھن اھوئي سبب آھي جو ملڪي 76 سالا تاريخ اڪثريتي طور قاتل سزائن کان بچيل هوندا آهن.
ھن وقت قلم ڌڻين جي قتل عام تي قلم ڌڻين جون جيڪي تنظيمون آھن اھي شديد غصي ۽ ڪاوڙ ۽ سراپا احتجاج آھن پر انھن جو احتجاج ايستائين نتيجا نه ڏيندو جيستائين انھن صحافي تنظيمن مان زرد ۽ لفافا خور قلم ڌڻي ٻاھر نه نڪرندا ڇو ته صحافي تنظيمن جا جيڪي لائحه عمل جڙندا آھن اھي قاتلن ۽ انھن جي سھولتڪارن تائين عمل ٿيڻ کان اڳ ۾ پھچي ويندا آھن جنھن جي ڪري قلم ڌڻين جا اھي سمورا احتجاج ۽ ڌرڻان وقت کان اڳ ۾ ناڪام ٿي ويندا آھن.
ھيءُ جيڪو صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي سو به ان زرد صحافت جو نتيجو آھي جيڪو ان ڏينھن تاريخ مھيني سال کان شروع ٿيو آھي جنھن ڏينھن کان سياستدانن ميڊيا سينٽر خريد ڪري ان اندر نان پروفيشنل ماڻھن کي ڀرتي ڪري انھن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آھي جنھن کان پوءِ جيڪو صحافي حق سچ لکي جنھن به سياسي ڀوتار کي اگھاڙو ڪري ٿو اھو ماريو وڃي ٿو ڇو ته قاتل کي خبر آھي ته ھن جو جيڪو سھولتڪار آھي اھو عدالت کان به طاقتور آھي کيس سزا ۽ جزا جو ڊپ به ناھي ھوندو جنھن جي ڪري قلم ڌڻين جي قتل عام ۾ اضافو ڏسڻ لاءِ ملي پيو،اھڙي عمل لاءِ ھاڻي قلم ڌڻين کي گھرجي ته ھڪ اھڙو مضبوط گرينڊ الائينس جوڙين جنھن ۾ رنگ نسل ذات پات کان پاڪ اھي سمورا قلم ڌڻي ۽ انھن جا رھبر ۽ شامل ھجن جيڪي جيڪو به لائحه عمل جوڙين ان تي مڪمل عمل ٿيئڻ تائين پنھنجي جدوجھد ختم نه ڪن پوءِ ڏسو اھي سموريون صحافي دشمن ڌريون ڪيئن ٿيون خاموش رهن ۽ گوڏا کوڙين باقي قلم ڌڻين ۾ گروپ ۽ ڌڙا بنديون قائم رھيون تي پوءِ انھن جا قتل عام به جاري رھندا ان لاءِ ان ڪڌي عمل خلاف اڳتي اچو جيئن قلم ڌڻين جو قتل عام بند ٿي سگھي.