بجلي صارفن تي ٻيهر اربين رپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )  بجلي صارفين تي ٻيهر کان اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي. نيپرا درخواست تي 30 مئي تي ٻڌڻي ڪندو. درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي 3 روپيه 49 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سي پي پي اي اپريل جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست جي منظوري سان صارفين تي 34 ارب جو اضافي بار پوندو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپريل ۾ فرنس آئل ۽ ڊيزل مان بجلي پيدا نه ڪئي وئي، هڪ مهيني ۾ بائيڊل مان بجلي جي پيداوار 22.96 سيڪڙو رهي. مقامي ڪوئلي مان 10.19 سيڪڙو مقامي گيس مان 11.28 سيڪڙو پيداوار رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مقامي گيس مان 11.8 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. اپريل ۾ درآمد ڪيل ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار تقريبن 25 سيڪڙو جڏهن ته جوهري ٻارڻ جي تيل مان 23.64 سيڪڙو رهي.

  1. آءِ ايم ايف نيٽ ميٽرنگ ختم ڪرڻ جو شرط ناهي رکيو:اويس لغاري

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته آءِ ايم ايف طرفان نيٽ ميٽرنگ کي گراس ميٽرنگ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪو به شرط ناهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته اسان جي اندازي موجب 5 ڪلوواٽ سولر سسٽم جي لاڳت گذريل 2 سالن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، ٽرانسميشن  سسٽم جي ڪمزوري سبب بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ 2 کان 3 رپيا واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۾ چوري ۽ مافيا هلي رهي آهي، جنهن جي ڪري به 5 رپين تائين جو فرق آهي.  توانائي واري وزير چيو ته ڪجهه ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون پرائيويٽائيزيشن ڪرڻ چاهن ٿيون، جنهن سان قيمتون گهٽ ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.