واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي وقت تهران اسان کي مدد جي اپيل ڪئي هئي.
جڏهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي آذربائيجان جي ٻيلن ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو ته ايران آمريڪا کي مدد جي اپيل ڪئي هئي.
اهڙي دعويٰ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر نيوز بريفنگ ۾ ڪئي، گڏوگڏ هن وقت تي مدد نه ڪرڻ جو سبب به ٻڌايو.
آمريڪا چيو آهي ته رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ لاجسٽڪ (فوجي سببن) جي ڪري ايران جي مدد ڪرڻ کان قاصر هئاسين پر رئيسي جي موت تي آمريڪا تعزيت جو اظهار ڪيو.
ميٿيو ملر صحافين کي ٻڌايو ته ايراني حڪومت اسان کي مدد لاءِ چيو هو، مان تفصيل نه ٻڌائيندس پر ايران اسان کان مدد گهري، اسان فوجي سببن جي بنياد تي ايران جي مدد ڪرڻ کان قاصر هئاسين، جڏهن ته اسان ڪنهن کي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مرندي نٿا ڏسڻ چاهيون.
هن چيو مان اهو واضح ڪيان ته ابراهيم رئيسي جي دور ۾ انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون ٿيون، ان ۾ 1988 جو وحشياڻو قتل عام به شامل آهي، جنهن ۾ رئيسي سياسي احتجاج ۾ هزارين قيدين کي اجتماعي طور ڦاهي ڏني هئي.
هتي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته آمريڪا ۽ ايران ڪَٽر دشمن آهن، تازو جڏهن ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته آمريڪا ئي اسرائيل جي مدد ڪئي هئي.
آمريڪا ايران کي ڪنهن حد تائين پنهنجو دشمن سمجهي ٿو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ايران تي پابنديون لڳائي رهيو آهي، اهڙي صورت ۾ ڪير به اهو سمجهي سگهي ٿو ته آمريڪا ايران جي مدد ڇو نه ڪئي.
usa matthewmiller UnitedStates