حڪومت جو گهرن تي صفائي سٿرائي چارجز لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت هاڻي گهرن تي صفائي سٿرائي چارجز هڻڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز هائيڊرو پاور پراجيڪٽس لاءِ واٽر چارجرز وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو.

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ ڪابينا جي فنانس ۽ ڊيولپمينٽ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چوٿون اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پرائيويٽ سيڪٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽس لاءِ واٽر چارجز ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي جڏهن ته هائيڊرو پاور پراجيڪٽس واٽر چارجز ۾ واڌ سان بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو هو.

اجلاس ۾ 5 مرلي جي گهرن تي 300 رپيا ۽ 10 مرلي جي گهر تي 500 رپيا سيني ٽيشن چارجرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ٻهراڙين ۾ 10 مرلي جي گهرن تي 200 ۽ وڏن گهرن تي 500 رپيا سينٽري چارجر لڳندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.