ڊانس ڪري مفت ڪافي پيئو! اهڙو انوکو ڪيفي ڪٿي آهي؟

ڊگهي قطارن ۾ بيهي ڪري پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ کان بجاءِ ڊانس ڪري مفت ۾ ڪافي پيئو.
اهڙي انوکي ڪيفي جي نشاندهي سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ ٿي آهي، جتان وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.
انسٽاگرام تي ڪنگڊم ڊائريز ايس ڪي نالي پيج مان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن موجب جيڪو به گراهڪ ان ڪيفي جو رخ ڪندو آهي ته پهرين ان کي ڊانس ڪرڻي پوندي ۽ بعد ۾ هو ڪافي وٺي سگهندو.
ڄاڻايل وڊيو ۾ مردن ۽ عورتن کي به روايتي لباس ۾ مفت ڪافي لاءِ رقص ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
”ڊانس فري ڪافي“ نالي ان ڪيفي جو افتتاح ڪجهه ڏينهن پهريان ئي ڪيو ويو هو پر وڊيو وائرل ٿيڻ بعد هن عجيب ۽ غريب سروس تي واهپيدارن طرفان تڪراري تبصرا به ڪيا پيا وڃن.
ڊانس فري ڪافي نالي اها سروس تازو ئي برگر جوائنٽ ۾ زهر ملايل کاڌو کائڻ واري واقعي بعد واهپيدارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.