انسانن جي حياتي وڌڻ جي اڳڪٿي، پر حالت خراب هوندي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي سطح تي انسانن جي عام عمر ۾ پنجن سالن تائين واڌ جو امڪان آهي پر تحقيق ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٿولهه ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري ماڻهو پنهنجي زندگي خراب حالت ۾ گذاريندا.

2021 ۾ گلوبل برڊن آف ڊيزيزز، انجريز اينڊ رسڪ فيڪٽرز بابت جيڪو مطالعو ڪيو ويو هو، هي نتيجا ان جو ئي حصو آهي جن کي اڄ رسالي دي لانسيٽ ۾ ڇاپيو ويو.

واشنگٽن يونيورسٽي ۾ انسٽيٽوٽ آف هيلٿ ميٽرڪس اينڊ ايويليوايشن ۾ ريسرچ ٽيم جي سربراهه سائنسدان ليان اونگ جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ ٿولهه ۽ عادتن جي ڪري مستقبل جا رجحان ماضي جي رجحانن کان مختلف هوندا.

ٽيم اڳڪٿي ڪئي ته مردن لاءِ امڪاني عمر 71 ڏهائي هڪ سال مان وڌي 76 سال ۽ عورتن لاءِ 76.2 مان وڌي 80.5 سال ٿيڻ جو امڪان آهي.

هي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان گهٽ آمدني وارن خطن وچ ۾ صحت ۾ برابري نه رهندي پر اهو فرق گهٽجي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.