انٽرنيٽ تي موجود مواد غائب ٿي رهيو آهي: تحقيق ۾ انڪشاف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) هڪ نئي تحقيق ۾ ڳالهه سامهون آئي آهي ته انٽرنيٽ تي موجود ويب پيج ۽ آنلائن ڪونٽينمنٽ غائب ٿي رهيو آهي.
تازا ترين جاچ موجب ويب کي اڪثر اهڙي جڳهه سمجهيو ويندو آهي، جتي ڪونٽمينٽ سدائين موجود رهندو آهي پر پيجز جي ڊليٽ ٿيڻ يا هٽائڻ جي صورت ۾ انٽرنيٽ جو وڏو حصو ختم ٿي رهيو آهي.
مثال طور انٽرنيٽ تي 2013 ۾ جيترا به ويب پيجز هئا، ان جو 38 سيڪڙو حصو غائب ٿي چڪو آهي، ايتري قدر جي نوان ويب پيج به غائب ٿي رهيا آهن.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ تي موجود وڏي مقدار ۾ خبرون ۽ اهم حوالا غائب ٿي رهيا آهن، 23 سيڪڙو نيوز پيجز ۽ 21 سيڪڙو حڪومتي ويبسائيٽس به گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناڪارا لنڪ هوندا آهن.
جڏهن ته 54 سيڪڙو وڪيپيڊيا جي حوالن ۾ هڪ لنڪ اهڙي هوندي آهي، جيڪا وجود ئي ناهي رکندي.
اهڙو ئي ڪجهه سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سان ٿي رهيو آهي، 20 سيڪڙو ٽويٽس ايڪس تي پوسٽ ڪرڻ بعد ڪجهه ئي مهينن ۾ غائب ٿي وينديون آهن.
واشنگٽن ۾ قائم پيور ريسرچ ۾ ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ لڳ ڀڳ 10 لک ويب پيجز کي نمونن کي گڏ ڪيو ويو آهي ته اهي پيجز 2013 کان 2023 وچ ۾ موجود هئا يا نه.

Internet Content Pages

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.