شام جي خاتون اول اسما الاسد ۾ رت جي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي.
شام جي صدارتي محل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته خاتون اول اسما الاسد رت جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي.
بيان موجب خاتون اول علاج جي هڪ خاص طريقي مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ انفيڪشن کان بچڻ لاءِ سماجي وٿي جي ضرورت هوندي آهي.
طبي ماهرن خاتون اول کي سموريون مصروفيتون روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي.
48 ورهين جي اسما الاسد کي 2018 ۾ ڇاتي جي شروعاتي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي پر 2019 ۾ هن ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته هوءَ صحتياب ٿي وئي آهي.
syria AsmaalAssad Cancer