روس الزام لڳايو آهي ته آمريڪا چنڊ تي هٿيار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
خابرو اداري اي ايف پي موجب اهو روس ۽ آمريڪا ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ نئون الزام آهي، جيڪو واشنگٽن طرفان گڏيل قومن ۾ روس جي تحريڪ کي ويٽو ڪرڻ جي هڪ ڏينهن بعد سامهون آيو آهي.
اڱاري تي روس جي پرڏيهي وزير ۽ ترجمان ماريا زاخارووا چيو ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ان جون اصل ترجيحن جو مقصد چنڊ کي ڪنهن به قسم جي هٿيارن کان پاڪ رکڻ نه بلڪه چنڊ تي هٿيار رکڻ ۽ ان کي فوجي ڇڪتاڻ جي ميدان ۾ تبديل ڪرڻ آهي.
ٻنهي سپر پاورز تازو ئي هڪٻئي مٿان چنڊ کي هٿيارن سان ليس بڻائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.
ماسڪو اهڙن الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ رد ڪندي چيو هو ته انهن وٽ اهڙي نظام جي موجودگي ناهي.
Masco America Moon