صحت جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ 15 سالن کان وڌيڪ عمر جا 18 سيڪڙو نوجوان هائپرٽينشن يا هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آهن، نوجوانن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جا بنيادي ڪارڻ جنڪ ۽ پروسيسڊ فوڊ جو گهڻو استعمال، ورزش کان پاسو، تماڪ واپرائڻ ۽ آن لائن گيمنگ آهي.
پاڪستان جي 5 ميڊيڪل سوسائٽيز سان سلهاڙيل صحت ماهرن ”ڊسڪورنگ هائپرٽينشن پراجيڪٽ“ تحت مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي پاسي 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا تقريبن 46 سيڪڙو بالغ ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آهن، پاڪستان ۾ نوجوان ۽ خاص طور جوان ماڻهو بلڊ پريشر جي ڏکيائين جو شڪار ٿي دل جي دوري يا اڌ رنگ سبب فوت يا معذور ٿي وڃن ٿا.
ماهرن چيو ته هاءِ بلڊ پريشر جي نتيجي ۾ اکين جو نور متاثر ٿيڻ ۽ گڙدا ناڪارا ٿيڻ جي شرح ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، هاءِ بلڊ پريشر سبب گڙدا ناڪارا ٿيڻ جي ڪري پاڪستان ۾ تقريبن ساڍا 10 لک ڊائلاسز مشينن جي ضرورت آهي.
You might also like