ٻٽي ڳچيءَ مان جند ڇڏائڻ جو صفا سولو طريقو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻي قدر توهان عورتن ۽ مردن کي ڏٺو هوندو جن جي ڳچيءَ جو گوشت گهڻو وڌيل هوندو آهي جنهن کي ماڻهو ٻن ڳچين وارو چوندا آهن، ڳچيءَ جو اهو وڌيل گوشت ڪيترن ئي سرڪاري آفيسر توڙي ڪامورن جي لاءِ شرمندگي جو به سبب بڻبو رهبو آهي ڇو ته گهڻن جو اهو چوڻ هوندو آهي ته جيڪو به رشوت جو پيسو يا حرام جي ڪمائي کائيندو آهي ته ان جو اهو ڳچي واري حصو جو ماس لڙڪي پوندو آهي.

حقيقت ۾ ائين ناهي، پر سماج ۾ جيڪا ڳالهه هلي وئي سو هلي وئي هاڻي ڀلا ماڻهن کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟

اصولي طور گوشت جو اهو ٽڪرو ٿائرائيڊ جي مسئلن سميت مختلف سببن جي ڪري وڌي يا لڙڪي پوندو آهي، نه رڳو ڳچيءَ جو اهو حصو پر ڪيترن ئي ماڻهن توري عورتن جي ٻانهن جو گوشت ۽ پيٽ جو گوشت به لڙڪي پوندو آهي جنهن جا مختلف سبب هوندا آهن. ڳچيءَ جي ان وڌيل يا لڙڪيل گوشت کي ڪنهن به حوالي سان رشوت سان جوڙڻ غلط ڳالهه آهي.

جيڪڏهن ڳچيءَ جو اهو گوشت وڌيل هجي ته صحت جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي پر اهو شخصيت کي به متاثر ڪندو آهي، ان جي ڪري ماڻهو جي پرسنلٽي متاثر ٿئي ٿي ۽ خوبصورت ماڻهو به سُٺو ناهي لڳندو.

پر اڄ اسان اوهان جي لاءِ هڪ اهڙو طريقو آندو آهي جنهن ۾ ٿوري محنت ته گهربل هوندي پر اها ان گوشت مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه به نه هئڻ برابر آهي ڇو ته عام طور اهو سولائيءَ سان ختم ناهي ٿيندو.

اڄ اسان جيڪو طريقو آندو آهي ان تي عمل ڪري توهان پنهنجي ڳچيءَ جو وڌيل گوشت سولائيءَ سان ختم ڪري سگهو ٿا، نه رڳو ڳچي پر ٻانهن، پيٽ ۽ ٽنگن جو لڙڪيل ماس به گهٽائي سگهجي ٿو.

اهم ڳالهه اها آهي ته ان جي علاج لاءِ ڪا نقصانڪار شيءِ به استعمال نه ٿيندي ۽ گهريلو صحت جي ٻين فائدن واريون شيون ئي استعمال ڪيون وينديون.

ڳچيءَ جو وڌيل يا لڙڪيل گوشت ختم ڪرڻ لاءِ اسان جيڪو ٽوٽڪو ٻڌائي رهيا آهيون اهو ڪراچي مان ايم بي بي ايس ۽ يو ڪي جي يونيورسٽي آف ويلس(ڪارڊف) مان ڊي ڊرم، ايم ايس اِن ڊرماٽالاجي، ان ڪاسميٽالاجي، ايسٿيٽڪس(بيوٽيشن) ڪندڙ ڊاڪٽر خرم مشير جو ٻڌايل ۽ آزمايل نسخو آهي.

ڳچيءَ جي وڌيل يا لڙڪيل گوشت مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ توهان هڪ پيالي ۾ ٻه کان ٽي چمچا دُهي، ٻه چمچا گلسرين، ٿوري مقدار ۾ چنبيلي جو تيل ۽ ٿورو پائوڊر وارو کير وجهي صحيح نموني ملائي وٺو.

بس اهي هيون شيون، اها هئي محنت. هاڻي جيڪا پيسٽ تيار ٿي وئي آهي انکي ڳچيءَ جي وڌل گوشت تي لڳايو، پوءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهي (سليڪان) جيڪا شادين ۾ سلاد وغيره کي ويڙهيل هوندي آهي ان جاءِ تي چمبڙائي ڇڏيو. پوءِ رڳو پنجويهه کان ٽيهه منٽن تائين اها پيسٽ لڳل رهڻ ڏيو، ٿوري ئي ڏينهن ۾ توهان جي ڳچيءَ جي وڌيل گوشت مان جند ڇُٽي ويندي. پيسٽ لڳل هئڻ دوران توهان پنهنجا ڪم ڪار عام معمول موجب ئي ڪري سگهو ٿا،

ياد رهي ته اها پيسٽ توهان کي هر روز هڻڻي آهي، وڌيڪ نه ته هفتي ۾ ٽي کان چار ڀيرا ضرور هڻڻ گهرجي.

ان لاءِ ميڊيڪل اسٽور تان شگر فري چيوگم به چٻاڙڻ لاءِ ملندو آهي جيڪو پڻ ڳچيءَ جو وڌيل گوشت گهٽائڻ لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي، ڇو ته اهو گوشت جو ٽڪرو ختم ڪرڻ لاءِ ان جاءِ تي رت جا وهڪرا ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي جيڪي چيوگم چٻاڙڻ جي ورزش سان بهتر ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.