اڳوڻو پاڪستاني ڪرڪيٽر سجاد اڪبر لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀاءُ امير اڪبر موجب سجاد اڪبر کي دل جو دورو پيو، سندس عمر 63 سال هئي.
سجاد اڪبر ٻن انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن 182 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون.
سجاد اڪبر ليول فور ڪوچ هو، هو ڊوميسٽرڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ سان سلهاڙيل هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سجاد اڪبر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
You might also like