ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رت جي رڳو هڪ ٽيسٽ سان پنجاهه کان مٿي ڪينسر جي مرضن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي جن لاءِ هن وقت تائين پنجاهه کان مٿي ٽيسٽون گهربل هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب تحقيق آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن طرفان ڪئي وئي آهي جنهن ۾ آزمايل ٽيسٽ ۾ رت جي ڪيسرن جي ڳوڙهين جي ڊي اين اي جا ٽڪرا ڏٺا ويا.
ان ٽيسٽ ستٽيهه سيڪڙو بوول ڪينسر، ٻاويهه سيڪڙو ڦڦڙن جي ڪينسر، اٺ سيڪڙو يوٽرين ڪينسر، ڇهه سيڪڙو کاڌي جي نالي واري ڪينسر ۽ چار سيڪڙو اووريئن ڪيسنر جي سڃاڻپ ڪئي. جيتوڻيڪ ٽيسٽ جو صحيح هجڻ ڪينسر جي اسٽيج تي دارمدار رکي ٿو.
ٽيسٽ جي مدد سان آخري مرحلن واري ڪينسر جي سڃاڻپ پنجانوي سيڪڙو جڏهن ته شروعاتي مرحلن واري ڪينسر جي سڃاڻپ چوويهه سيڪڙو تائين صحيح ٿي.
تحقيق ۾ برطانيا ۽ ويلز ۾ جرنل فزيشن کي جائزو وٺندڙ ڇهه هزار ٻه سئو اٺٽيهه ماڻهن مان ٽي سئو ٽيويهه ماڻهن ۾ گيليري ٽيسٽ سان ڪينسر جي علامتن جي سڃاڻپ ڪئي وئي.
ماهرن موجب انکانپوءِ انهن ٽي سئو ٽيويهه مريضن مان ٻه سئو چوئيتاليهن ۾ ڪينسر ظاهر ٿي، جيڪو ان ٽيسٽ جي صحيح هجڻ جي حوالي سان بهترين اشارو آهي.
واضح رهي ته ڪينسر جا قسم علامتون ظاهر ڪرڻ کان اڳ ئي رت ۾ ڊي اين اي شامل ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.