ميٽا طرفان ڀارت ۾ اهڙن اشتهارن جي منظوري ڏني وئي آهي، جن ۾ تشدد لاءِ اڪسائڻ ۽ سازشي خيالن تي مبني مواد موجود هو.
اها ڳالهه ايڪو نالي هڪ اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا ڪمپني طرفان ڀارت ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ اهڙن اشتهارن جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا ڪمپني جي اصولن جي خلاف هئي.
انهن اشتهارن ۾ ڀارتي واهپيدارن کي هدف بڻايو ويو ۽ اشتهار گمراهه ڪندڙ مواد سان ليس هئا.
رپورٽ موجب ميٽا جو اشتهاري نظام انهن اشتهارن جي روڪٿام ۾ ناڪام رهيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 22 مان 14 اهڙن اشتهارن جي منظوري ميٽا جي اشتهاري ٽولز ذريعي ڏني وئي آهي جن جو مواد اصولن جي خلاف هو.
رپورٽ ۾ ان اشتهارن جي مواد جي باري ۾ ناهي ٻڌايو ويو، پر گروپ موجب اشتهارن ۾ مسلمانن تي تشدد لاءِ اڪسايو ويو هو، جڏهن ته اهڙي گمراهه ڪندڙ تفصيل ڏني وئي هئي جو ڀارتي سياسي منظرنامي ۾ سازشي خيالن جي پکيڙ ٿئي.
گروپ طرفان ان اشتهارن کي هلڻ کان پهريان ئي واپس ورتو ويو هو.
اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جڏهن ميٽا طرفان گروپ جي اهڙن اشتهارن جي منظوري ڏني وئي آهي.
گروپ جي اهڙين ڪوششن جو مقصد ميٽا جي اشتهاري نظام جي حوالي سان ڌيان ڇڪائڻ آهي.
You might also like