لانگ مارچ دوران عمران خان تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث 3 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث مک جوابدار نويد سميت ٽن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
اي ٽي سي گوجرانوالا ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته گرفتار جوابدار نويد کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.
ضمانت تي آزاد ٻه جوابدار وقاص ۽ طيب بٽ به عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ فرد جرم پڙهي وئي ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پر جوابدارن تي قتل، قتل جي قدمن، دهشتگردي سميت 17 سنگين قلمن تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
مرڪزي جوابدار نويد تي فائرنگ ڪرڻ، جڏهن ته ٻين ٻن جوابدارن تي هٿيارن جي فراهمي ۽ سهولتڪاري جو الزام آهي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

imrankhan pti longmarch

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.