ميرپور ٻرڙي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان گوليون هڻي قتل

ميرپورٻرڙو ( ن ع آ)ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد گذريل رات ڳوٺ صالح ڪس لڳ چانڊاڻ ۾ مڙس احسان ٻرڙو پنھجي ڀاءُ عبدالوهاب سان گڏجي پنھجي نوجوان 18 سالن جي زال فريده کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري  ڇڏيو، الزام ھيٺ آيل 17 سالن جي زاھد پٽ سونو ٻرڙو کي به گھران سڏ ڪري سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش سندس پيءُ باھو کوسو کڻي ويو نوجوان ۽ ناري جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي سب انسپيڪٽر صدرو بنگلاڻي جي فرياد تي گناھ نمبر 8، 2024، جوبدار احسان پٽ الله بخش ٻررڙو، عبدالوهاب پٽ الله بخش ٻرڙو عبدالستار پٽ الله بخش، عبدالروف پٽ جانب ٻرڙو ،محمد شعبان پٽ جانب ٻرڙو  مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي وڏي منشي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سرڪار جي مدعت ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي جوبدار گھر خالي ڪري ويا آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارانھن الزام ھيٺ قتل ٿيل ناري فريده جوبدار احسان جي زال سان گڏ سڳي سئوٽ به ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.