تهران ( م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حس ين امير عبدالهيان جِي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيڻ جي ايراني حڪومت تصديق ڪري ڇڏي. ايراني صدر جي فوت ٿيڻ جو سرڪاري اعلان امام رضا جي روضي تي ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايراني صدر ابراهيم رئسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. ايران جي خابرو اداري تهران ٽائمز جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر سان حادثو آذربائيجان جي علائقي تبريز کان هڪ سئو ڪلو ميٽر پري پيش آيو جنهن ۾ گورنر تبريز پڻ فوت ٿي ويو آهي. تهران ٽائمز موجب، آيت الله خامنه اي جي نمائندي سميت هيليڪاپٽر ۾ سوار 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ايراني اختيارين موجب، ڪجهه لاش سڙي ويا جيڪي سڃاڻپ جوڳا ناهن. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر جو ملبو هڪ جبل تان مليو، ريسڪيو ٽيمون ملبي تائين پهچي ويو آهن، جڏهن ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه تبريز جي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. هيلي ڪاپٽر ۾ صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير امير عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان جو گورنر ملڪ رحمتي، تبريز امام سيد محمد الهاشم، صدر جي سيڪيورٽي يونٽ جو ڪمانڊر سردار سيد مهدي موسوي، باڊي گارڊ ۽ اسٽاف سميت 9 ڄڻا سوار هئا موجود هئا.عرب ميڊيا موجب ترڪ ڊرون هيلي ڪاپٽر جي جاءِ ڳولي ورتي. ابراهيم رئيسي جي جاءِ تي محمد مخبر کي عبوري صدر مقرر ڪيو ويو آهي. فرانس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل مختصر بيان ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ رئيسي ۽ ٻين ايراني اهلڪارن جي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر رافيل گروسي ايراني صدر رئيسي جي موت جي خبر کان پوءِ ويانا ۾ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. عبوري صدر محمد مخبر هيلي ڪاپٽر حادثي کي ”افسوس ناڪ ۽ سنگين واقعو“ قرار ڏنو پر چيو ته ”اسان جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه ايندي. هن چيو ته ان واقعي جي باوجود سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهو افسوسناڪ واقعو ڪنهن به صورت ۾ حڪومتي معاملن ۾ خلل جو سبب نه بڻجندو.