”راشن جي قطار ۾ بيٺل گهريلو عورتن بدران طوائفن جا چهرا وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آهن“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي فلمن ۾گهڻي قدر طوائفن جو ڪردار ڏيکارڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.
سنجي ليلا ڀنسالي جو شمار بالي ووڊ جي اهڙن هدايتڪارن ۾ ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي فلمن ۾ طوائف جو ڪردار لازمي ڏيکاريندا آهن، هو هنيئر تائين پنهنجي ڪيترن ئي فلمن ۾ طوائف جو ڪردار ڏيکاري چڪو آهي.
هدايتڪار فلم ” ديو داس “ ۾ ماڌوري ڊڪشت، ” گنگو بائي ڪاٺياواڙي “ ۾ عاليا ڀٽ ۽ ” سانوريا “ ۾ راني مکرجي کي طوائف جي ڪردار ۾ ڏيکاريو جڏهن ته سندس ويجهڙ ۾ رليز ٿيل سيريز ” هيرا منڊي: دي ڊائمنڊ بازار “ ته مڪمل طور طوائفن جي ڪردار تي فلمايل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران ان حوالي سان دلچسپ موقف اختيار ڪندي ٻڌايو ته طوائف اهڙي عورت هوندي آهي جنهن جي اندر کوڙ سارا راز دفن هوندا آهن.
هن چيو ته اهڙيون عورتون ذهني طور مضبوط ۽ بهار هونديون آهن، اهڙيون عورتون پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائينديون آهن، مون لاءِ سندن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سدائين دلچسپ رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته طوائفون موسيقي ۽ رقص ذريعي پنهنجي خوشي ۽ ڏُک جو اظهار ڪنديون آهن، هو زندگي گهارڻ ڄاڻنديون آهن، لباس ۽ هار سينگار جو ڏانءُ ايندو اٿن، هو فن جي دنيا ۾ ماهر هونديون آهن.
هدايتڪار وڌيڪ چيو ته اسان به فنڪار آهيون اسان کي اهڙيون ئي شيون پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن، هاڻي ڀلي ماڻهو مونکي سٺو چون يا برو پر ننڍپڻ ۾ جڏهن اسڪول ويندو هئس ته منهنجو ڌيان راشن جي قطار ۾ بيٺل گهريلو عورتون ڏانهن نه ويندو هو پر طوائف جهڙي عورتن جا چهرا منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا آهن.

Sanjayleelabhansali Bollywood Heeramandi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.