ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا عائزا خان پنهنجي مداحن سان وڏو ڪوڙ ڳالهائي ويٺي جيڪو جلد ئي پڪڙجي پيو .
” جانِ جهان“ پياري افضل ۽ ” ياريان “ جهڙي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا عائزا خان انسٽاگرام تي دلڪش تصويرن تي ٻڌل پوسٽ شيئر جنهن جي ڪيپش ۾ هوءَ مداحن آڏو وڏي ڳالهه ڪري ويٺي.
شيئر ڪيل پوسٽ ۾ عائزا خان کي مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهي لباس پهريل آهي جنهن سان گڏ هاءِ هيلز سينڊل سندس لُڪ کي وڌيڪ پُرڪشش بڻائي رهيو آهي.
ڪڪرن ۽ خوبصورت موسم واري پسمنظر جي سامهون اداڪارا اهڙي ريت حسن جا جلوا وکيريا آهن جنهن هر ڏسندڙ کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي.
پر جيئن عائزا خان جي ڪيپشن تي نظر پئي ته اتي واهپيدارن کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو، اداڪارا پنهنجي پوسٽ شيئر ڪندي دنگ ڪري ڇڏيندڙ دعويٰ ڪئي ته هن ڪو به ميڪ اپ ناهي ڪيو جڏهن ته حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته هن پوسٽ ۾ ميڪ آرٽسٽ کي به ٽيگ ڪيو هو.
اداڪارا لکيو ته سندس خيال هي هن جو هنيئر تائين جو سڀ کان خوبصورت فوٽوشوٽ آهي، جنهن کي ايندڙ ميهني پيش ڪرڻو هو پر هوءَ وڌيڪ صبر نٿي ڪري سگهي.
عائزا خان اِها دعويٰ ڪئي ته هي تصويرون هن پنهنجي پرستارن لاءِ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪنهن به قسم جو ميڪ اپ ناهي ڪيو نه ئي ڪو ٻيو هار سينگار ڪيو آهي.
عائزا خان جي نو ميڪ اَپ واري دعويٰ تي واهپيدار ميدان ۾ اچي ويا ۽ مٿس ٺٺول ڪندي سوال اُٿاريو ته ” نو ميڪ اَپ ڇا واقعي؟؟“
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ” اسان کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪريو، هيڏو سارو ميڪ اَپ ڪيو اٿئي“ جڏهن ته واهپيدارن جو گهڻو انگ عائزا خان جي سونهن جي واکاڻ ڪندي نظر آيو.
AyezaKhan Socialmedia Fans