ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور پاڪستاني راڳي، شاعر، اداڪار، هدايتڪار ۽ پرڊيوسر سجاد علي ڪوڪ اسٽوڊيڪ جي 15 هين سيزن ۾ ڇهن ورهين کانپوءِ ڌماڪيدار واپسي ڪندي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
ڪوڪ اسٽوڊيو جي آفيشل يوٽيوب چئنل تي نئين ميوزڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ گلوڪار سجاد علي فرحين رضا جعفري سان گڏ سُر سان سُر ملائيندي نظر اچي رهيو آهي.
چار منٽ 16 سيڪنڊ تي ٻڌل گيت ” چل چليي“ ۾ سجاد عليءَ کي اڇي شرٽ ۽ واسڪٽ پهريل آهي، جڏهن ته ساڻس موجود عورت گلوڪارا فرحين رضا جعفري به ديسي زيور سان ڳاڙهي لباس ۾ نظر آئي.
اِهو گيت سجاد علي پاڻ لکيو ۽ ڪمپوز ڪيو آهي جنهن جي ٻولن جو مقصد دنيا طرفان چئلينجز يا تنقيد باوجود، حدن کان آزاد ٿيڻ، پنهنجي خوابن جي ساڀيان لاءِ پتوڙڻ ۽ پنهنجي حقيقي نفس کي مڪمل طور قبول ڪرڻ جي سگهه تلاشڻ آهي.
يوٽيوب تي شيئر ڪيل گيت کي ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻارنهن لک 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن جڏهن ته موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ گيتَ کي مختلف انداز ۾ ساراهي رهيا آهن.
ياد رهي ته سجاد علي ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو جو ساٿ گهڻو پراڻو آهي، هن آخري ڀيرو 2017ع ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو جي ڏهين ايڊيشن ۾پرفارم ڪيو هو.
SajjadAli Cokestudioseason15 ChalChaliye