ڪجهه کاڌا گرمين ۾ ٺپُ نه کائجن!

انسان جي صحت لاءِ کاڌي پيتي جو بهتر هجڻ انتهائي ضروري آهي موسم به انسان جي صحت تي تمام گهڻو اثر ڪندي آهي انڪري هر موسم جي حوالي سان کاڌي پيتي جي چونڊ ڪرڻ گهرجي.

سياري توڙي سانوڻ ۾ ماڻهو چاهيندو آهي ته سٺي ۾ سٺا کاڌا کائڻ گهرجن، پر ان حوالي سان ان ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي ته ڪهڙي موسم ۾ ڪهڙا کاڌا بهتر ٿي سگهن ٿا ڪهڙا صحت لاءِ هاڃيڪار هوندا آهن جن بابت اڄ اسان هتي ماهرن جا مشورا اوهان آڏو پيش ڪنداسين.

گرمين جي موسم ۾ گهڻو پگهر وهڻ جي ڪري جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آهي ۽ طبيعت به سست رهندي آهي اهڙي حوالي سان اڄ اسان اوهان اهڙا کاڌا ٻڌائينداسين جن کان توهان کي پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ گرمين جي موسم ۾ پنهنجو پاڻ کي تازو توانو رکڻ گهرجي. انهن کاڌن کان پرهيز ڪري توهان جسماني مسئلن کان به بچي سگهي ٿا.

ڪافي

جيڪڏهن توهان گرمين جي موسم ۾ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ چاهيو ٿا ته ڪافي جو استعمال بند ڪيو ڇو ته ڪافي جسم ۾ خشڪي پيدا ڪندي آهي انڪري گرمين ۾ ڪافي جي چونڊ سُٺو ثابت نه ٿيندو.

کٽاڻ

گرمين جي موسم ۾ دال ۽ چانور ته تقريبن هر گهر ۾ ٿيندا آهن ڇو ته انهن کي کائڻ سان پيٽ وزني ناهي لڳندو ۽ جيڪڏهن دال سان گڏ کٽاڻ هجي ته کاڌي جو ذائقو ۽ مزو ٻيڻو ٿي ويندو آهي پر توهان کي خبر آهي ته کٽاڻ ۾ موجود سوڊيم جو گهڻو مقدار توهان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ميوا

ماهرن گرمين ۾ ميون جي استعمال کان به پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ڇو ته ميوا جسم جي گرمي پد کي وڌائيندا آهن جنهن جي ڪري گرمين جي موسم ۾ ماڻهو ميوا کائڻ جي ڪري چڙچڙو ۽ ڪاوڙيل ٿي ويندو آهي ان سان گڏ ٿڪاوٽ به محسوس ٿيندي رهندي آهي.

سافٽ ڊرنڪس ۽ ملڪ شيڪ

گرمين جي موسم ۾ جيئن سج ماڻهن کي پنهنجون اکيون ڏيکاريندو آهي ته ماڻهو به گرمي جو مقابلو ٿڌيون شيون (سافٽ ڊرنڪس، ملڪ شيڪ ۽ ٻيا شربت)پي ڪندا آهن پر ماهرن طرفان کنڊ سان ٺاهيل شربت کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي ڇو ته جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

تريل ۽ مصالحي واريون شيون

صحت جي ماهرن طرفان گرمين جي موسم ۾ تريل ۽ مصالحي واريون شيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ڇو ته اهي کائڻ سان جسم جو گرمي پد وڌڻ سان گڏ گهڻو پگهر ايندو آهي جنهن سان جسم ۾ پاڻي ۽ لوڻياٺ جي کوٽ ٿي ويندي آهي.

انکانسواءِ گرمين جي موسم ۾ دير هضم ٿيندڙ کاڌن ۽ پيٽ خراب ڪندڙ کاڌن کان به پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.