گرمي وڌڻ سان دماغ ۽ ذهني صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

گرمي پد ۾ واڌ ٿيندي آهي ته جسم تي ان جا مختلف اثر پوندا آهن جيئن پگھر نڪرڻ، ٿَڪَ جو احساس ٿيڻ ۽ گھڻي اُڃَ لڳندي آهي.

پر گھڻي گرمي ۽ هيٽ ويو سان دماغ تي ڪهڙا اثر پوندا آهن؟ ان حوالي سان ماضي ۾ ڪو خاص ڪم ناهي ٿيو.

پر هڪ تازي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته معمول جي گرمي پد ۾ رڳو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ واڌ سان به ڊپريسن ۽ انزائٽي مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

آمريڪا جي جارجيا يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته موسمياتي عنصر ۽ ذهني صحت تي پوندڙ ناڪاري اثرن وچ ۾ واسطو آهي.

حقيقت ۾ شاهدين مان ته اشارو ملي ٿو ته موسمياتي تبديلين جي شدت وڌڻ سان دماغ بري طرح متاثر ٿي سگھي ٿو.

2018ع ۾ جنرل نيچر ڪلائمٽ چينج ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي گرمي پد ۾ هڪ سينٽي گريڊ واڌ سان آپگھات جي شرح ۾ به هڪ سيڪڙو واڌ ٿي وڃي ٿي.

ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي موسمياتي ماهر ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر روبن ڪوپر ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين سبب هر سال گھڻن گرم ڏينهن جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن سبب ماڻهن جي ذهني استحڪام لاءِ خطرا پيدا ٿي ويا آهن.

هن چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلين کي ذهني صحت لاءِ هڪ بحران جي طور تي ڏسڻ گھرجي.

سائنسدانن گرمي پد ۾ واڌ سان ننڊ متاثر ٿيڻ سبب ذهني، سماجي ۽ حياتياتي عنصرن ۾ ايندڙ ناڪاري تبديلين جي نشاندهي به ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ننڊ متاثر ٿيڻ سان دماغي هارمونز ۽ اهم نيورو ٽرانسميٽرز فعل متاثر ٿيندا آهن.

موسمياتي تبديلي، هيٽ ويوز ۽ ذهني صحت تي تحقيق ڪندڙ برائون يونيورسٽي جي ماهر جوش ورٽيزل ٻڌايو ته گرمي جي موسم جي شروعات تي آپگهات ۽ ٻين ذهني مرضن جي شرح ۾ واڌ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

هن چيو ته ضروري ناهي ته سال جي گرم ترين ڏينهن کي آپگهات سان سلهاڙيو وڃي، پر جڏهن گرمي پد ۾ ڊرامائي تبديلي ايندي آهي، يعني پارومٿي هليو ويندو آهي ته آمريڪا جا ڪجهه حصا گھڻا خطرناڪ ٿي ويندا آهن.

پروفيسر روبن ڪوپر موجب جيڪڏهن هيٽ ويو دوران ننڊ جو معيار متاثر ٿئي ته وقت سان گڏوگڏ توجه ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي ۽ ماڻهو چڙچڙا ٿي ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته ننڊ جي کوٽ کي پهريان ئي ذهني صحت لاءِ هاڃيڪار تصوير ڪيو ويندو آهي ۽ سخت گرمي دوران ناقص ننڊ ئي امڪاني طور تي دماغي صحت کي نقصان رسائي ٿي.

گرمي پد ۾ واڌ سان هڪ دماغي ڪيميڪل سيروٽونين تي به ناڪاري اثر پوندا آهن، اهو ڪيميڪل مزاج کي خوشگوار رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي يا ائين چئجي ته ڪاوڙ کي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي.

جوش ورٽيزل ٻڌايو ته اهو ڪيميڪل جِلد جي گرمي پد بابت تفصيل دماغ جي ان حصي تائين پهچائيندو آهي جيڪو پگھر ۽ ڏڪڻيءَ جهڙي ردعمل کي ڪنٽرول ڪندو آهي.

ڊپريشن جي مريضن ۾ ان دماغي حصي جا فعل متاثر ٿيندا آهن.

اهڙيءَ طرح مختلف دماغي مرضن جو شڪار ماڻهن کي به هيٽ ويوز مان گھڻو خطرو هوندو آهي يعني ان جي بيماري جي شدت ۾ بدترين واڌ ٿي سگھي ٿي.

سائنسدانن موجب موسمياتي تبديلي هاڻ عوامي صحت تي اثر وجهي رهي آهي پر هيل تائين ان بابت گھڻو ڪم ناهي ٿوي ته گرمي پد ۾ واڌ سان ذهني صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا.

هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ واڌ ۽ هيٽ ويوز سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي تحقيق ٿيڻ گھرجي ته جيئن ماڻهو ايندڙ وقت لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگھن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.