روز صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان جي صحت تي سٺا اثر پوندا آهن ۽ ڏينهن جي شروعات به بهتر طريقي سان ٿيندي آهي.
رپورٽ موجب جلدي اٿڻ سان اسان جي جسم جو بائيولوجيڪل ڪلاڪ باقاعدا طور تي ڪم ڪندو آهي ۽ اسان سٺي طرح ننڊ پوري ڪندا آهيون.
صبح جو جلدي اٿڻ جا ڪيترائي فائدا آهن اچو ته ڄاڻون ٿا ته اهي ڪهڙا آهن؟
توانائي پيدا ٿيندي آهي
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان ڏينهن جي شروعات تازي دماغ سان ڪندا آهيون جنهن کان پوءِ اسان سڄو ڏينهن جو ڪم سٺي طريقي سان ڪري سگھون ٿا. جسم ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي سان اسان پنهنجي روز مرهه جو وڌ کان وڌ ڪم پورا ڪري سگھون ٿا.
ذهني صحت وڌندي آهي
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان ذهني طور تي تازا رهندا آهيون. صبح جو جلدي اٿي اسان ساهه جون مشقون عبادت ۽ ورزش ڪري سگھون ٿا جنهن اسان اسان جو ذهني دٻاءُ ٺيڪ ۽ موڊ خوشگوار ٿيندو آهي.
باقاعدگي سان ورزش کي عادت پيدا ٿيڻ
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان باقاعدگي سان ورزش ڪرڻ جي عادت پيدا ڪري سگھون ٿا. باقاعدگي سان ورزش ڪرڻ سان اسان نه رڳو پنهنجي وزن کي ڪنٽرول ۾ رکي سگھون ٿا پر دل جي بيمارين کي به ٽاري سگھون ٿا.
ننڊ بهتر ٿيندي آهي
صبح جو جلدي اٿن سان اسان جي ننڊ جي سائيڪل ٺيڪ ٿيندي آهي جنهن سان اسان جي ننڊ پاڻمرادو بهتر ٿي ويندي آهي. ننڊ جي بهتر ٿيڻ اسان جي سڄي صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
صبح بخش خوراڪ جي عادت پوڻ
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان وٽ غذائيت سان ڀرپور ناشتو بڻائڻ جو وقت هوندو آهي جنهن اسان سڄو ڏينهن هشاش بشاش ۽ صحتمند محسوس ڪندا آهيون.
ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي آهي
صبح جو جلدي اٿڻ سبب اسان پنهنجي ڏينهن جا ڪم سٺي طرح ۽ پوري ڌيان سان ڪري سگھون ٿا. صبح جو جلدي اٿڻ اسان اسان جي توجه بهتر ٿيندي آهي ۽ اسان هر ڪم سٺي طرح ڪري سگھون ٿا.
ٽائم مئنيجمينٽ بهتر ٿيڻ
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان پنهنجي سڄي ڏينهن جو شيڊيول بڻائي سگھون ٿا ۽ هر ڪم کي پنهنجي وقت تي پورو ڪري سگھون ٿا. هر ڪم کي پنهنجي وقت تي ڪرڻ سان اسان ذهني طور تي پرسڪون محسوس ڪري سگھون ٿا.
جسماني صحت بهتر ٿيندي آهي
صبح جو جلدي اٿڻ سان اسان ٿڌي گھٽ گدلي ماحول ۾ جاگنگ، سائڪلنگ، واڪ ۽ رننگ ڪري سگھون ٿا. ان سان اسان دل جي مرضن کان محفوظ رهندا آهيون ۽ اسان جي اندر طاقت پيدا ٿيندي آهي.
قوت مدافعت وڌندي آهي
صبح جو جلدي اٿڻ سان قدرتي طور تي سج جي روشني مان اسان کي وٽامن ڊي ملندي آهي جنهن سان اسان جي جسم جو اندروني ڪلاڪ بهتر ٿيندو آهي، ان سان اسان جي جسم جي قوت مدافعت بهتر ٿيندي آهي ۽ اسان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھون ٿا.