سنڌ جون زمينون کسيون پيون وڃن،شهيد الله بخش سومرو قومي هيرو آهي:ساڃاهه وند

ڪراچي اوڀر (شفقت نوناري) ڪراچي سچل ڳوٺ جي بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان  شهيد الله بخش سومري جي 81 ورسي تقريب ملھائي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي اديبن مختلف مڪتب  فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي  تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، ناصر منصور، مسرور شاھ ، ايڊووڪيٽ امان الله شيخ ، غلام قمبر حاجاڻو، محمد ھاشم کوسو ، محمد اسلم مينڌرو ، مولانا غلام مصطفي’ راڄپر ، امير چانڊيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تـ شھيد الله بخش سومرو سنڌ جو قومي ھيرو  ھو جنھن انگريز سامراج خلاف جدوجھد ڪئي سيڪيولر ازم جو حامي ھو جيڪو قومي سوچ رکندڙ ۽  اتساھيندڙ ڪردار ھو، الله بخش سومرو برصغير جو تمام وڏو ليڊر ٿي سامھون آيو ،هنن چيو ته ھندو مسلم جو جيڪو جھيڙو ٿيو ان کي ختم ڪرائڻ ۾ شھيد  جو اھم ڪردار ھو جيڪو سنڌ جي سياست جو رول ماڊل ھو الله بخش جي شھادت کانپوءِ جاگيردار سياست قبضو ڪري ويھي رھيا اسان کي شھيد الله بخش سومرو جھڙن قومي ھيرن جي جدوجھد کي سامھون رکي ڪري پنھنجي جدوجھد جو آغاز ڪرڻ گھرجي ۽ يقينن اھا جدوجھد ضرور نتيجا ڏيندي ھنن وڌيڪ چيو تـ رياست ڪڏھن به نه چاھيندي ته عوام مضبوط ٿئي سياسي جدوجھد ذريعي ۽ رياستي ڏاڍ ظلم جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ مان انا پرستي جو خاتمو آڻڻو پوندو ھنن چيو تـ 73 جي آئين ۾ اسان کي جيڪي حق ڏنل آھن بدقسمتي سان اھي حق اسان کي حاصل نه آھن ھنن چيو تـ اسان لاءِ سنڌ سڀ کان اھم آھي سياسي رستا اسان جا ڀل الڳ ھجن مگر سنڌ جي مسئلن تي سڀني سياسي ڌرين کي گڏ بيھڻو پوندو جنھن جا نتيجا لاڀائتا حاصل ٿي سگھن ٿا ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رھي آھي سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن ڌارين جي لوڌ سنڌ ۾ آباد ڪئي پئي وڃي شھيد الله بخش سومرو جھڙن ھيرن جي سياسي جدوجھد کي سامھون رکي ڪري جدوجھد ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي

#Sindh #Sindhland #AllahBuxSoomro

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.